دٻلي ٿي ڇڻڪي

دٻلي ٿي ڇڻڪي

دٻلي ٿي ڇڻڪي

دٻلي ٿي ڇڻڪي (ڪتاب): هي سنڌ جي ناليواري اديب ۽ براڊڪاسٽر نصير مرزا جو ريڊيائي گيتن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ ناليوارن شاعرن: مظفر حسين جوش، علي محمد مجروح، نياز همايونيءَ، سيد منظور نقوي، محمد خان غني، بلاول پرديسي، امداد حسيني، ادل سومري ۽ ٻين جا گيت شامل آهن، جيڪي مختلف سالن ۾ ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، روبينه قريشي، وحيد علي ۽ ٻين فنڪارن جي آوازن ۾ نشر ٿيا هئا. هن ڪتاب جو مهاڳ مرتب خود لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا مصطفيٰ قريشيءَ ۽ روبينه قريشيءَ جي نالي ڪيل آهي. هي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڊبل ڊيمي سائيز جي 32 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو